ڪراچي ۾لوئر اسٽاف ملازمن تي لاٺي لارچ خلاف سڪرنڊ ۾ احتجاج

سڪرنڊ(ن ع آ)   آل سنڌ لوئراسٽاف ايجوڪيشن سڪرنڊ جي ملازمن عزيزلاکو۔ مختيار جمالي۔ شاھد ملاح۔ محبت خان رند۔ فقير گل حسن خاصخيلي نديم خانزادو۔ احمد شاھ  ۽ ٻين پاران ڪراچي ۾  لوئراسٽاف ايجوڪيشن جي ملازمن تي لاٺي چارج ۽ تشدد ڪري مرڪزي اڳواڻ وزيراحمد ڪيريو۔ ھارون ڪيريو ۔ فياض احمد ۽ ٻين ملازمن جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويو ۔ ھنن چيو ته لوئراسٽاف جا ملازم پنھنجا حق وٺڻ لاء احتجاج ٿا ڪن ته انھن تي تشدد ڪيو وڃي ھنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو۔ وزيراعلي سنڌ ۔ وزيرتعليم ۔ سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪئي ته لوئراسٽاف جي گرفتار ملازمن کي فوري طور آزاد ڪري جائز مطالبه فوري طور مڃيا وڃن نه ته  اڄ اربع جي ڏينھن تعلقي سڪرنڊ جي سمورن اسڪولن ۽ آفيسن جي تالا بندي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.