سڪرنڊ پوليس جي ڪارروائي، شراب جون 40 بوتلون هٿ

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ پوليس جي ايس ايڇ او امتياز ٿيٻو پوليس پارٽي سان گڏ سڪرنڊ شهر جي اسٽيشن روڊ تي پيادل ايندڙ شبير انڙ کي گرفتار ڪري وٽائنس 40  بوتلون وسڪي شراب جون هٿ ڪري ورتيون. مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.

  • خيرپور عدالت پاران قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 2 ڀيرا عمر قيد

خيرپور(س   ر) خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  اهلڪار کي قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 2 ڀيرا عمر قيد  ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي،خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج انعام علي ملڪ جي عدالت پوليس اهلڪار جو قتل ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوبدار علي مردان  کي 2 ڀيرا عمر قيد 2/50 لک ڏنڊ ۽ ملڪيت ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي جوبدار  2مئي 2019 تي محبت واهه پل وٽ ساٿين سان گڏ پوليس پڪٽ تي حملو ڪري  پوليس اهلڪار محمد موسا  کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.

  • بٺوري ويجهو مزدوري دوران پورهيت عمارت تان ڪري زخمي

ميرپور بٺورو (ن ع آ ) شاھه مراد شگر ملز جھوڪ شريف ۾ مزدوري دوران پورهيت ڪري زخمي ٿي پيو، انهي سلسلي ۾ شاھ مراد شگر  ملز جھوڪ شريف جو ملازم گلزار علي ملز ۾ مزدوري دوران اونچائي تان ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ملز اندر طبي امداد جون سهولتون نه هئڻ سبب کيس بيهوشي جي حالت ۾ تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته واقعي ۾ زخمي ملازم نوشهرو فيروز ضلعي جي موري شهر جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.