اوٻاوڙو لڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل پورهيت آزاد

اوٻاوڙو/ سرحد ( ن ع آ ) ايس ايس پي گھوٽڪي  اظھر خان مغل جي سخت ھدايتن تي کنڀڙا پوليس جي ڪاروائي اطلاع تي  عورتاڻي آواز تي ھر  کجي اغوا ٿي ويل سرحد شھر جي رھواسي کي ڌاڙيل ڪچي جي علائقي مان ھڪ جڳھه کان ٻي جڳھه تي شفٽ ڪري رھيا  جنھن بعد خفيااطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او کنڀڙا سب انسپيڪٽر غلام عباس سندراڻي پوليس جي نفري ساڻ ڪري  نشاندهي واري جڳھه سنڌ پنجاپ بارڊر نزد نور شاھ دمدمي وٽ پھتو ته ڌاڙيلن پوليس  مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنھن بعد ڏھ منٽن تائين پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوھاري اونڌائي جوفائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جتي پوليس مغوي کي باحفاظت ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي ورتو بازيابيءَ کان پوءِ  مغوي سانوڻ ميمڻ  ٻڌايو ته  30  نومبر تي ڌاڙيلن عورتاڻي آواز ۾ ڪچي گھرايو ھيو جتي ويس ته ھنن اغوا ڪري ورتو ايس ايس پي گھوٽڪي ايس ايڇ او کنڀڙا ۽ ٽيم جو شڪر گذار آھيان جن ڪامياب ڪاروائي ڪرڻ مون کي ڏوھارين جي قيد مان آزاد ڪرايو ان موقعي تي ايس ايس پي اظھرخان مغل ايس ايڇ او کي ڪامياب ڪاروائي ڪرڻ تي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.