ڪراچي ۾ گئس لوڊشيڊنگ، شهرين جو هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي جي علائقي يوسي 13 ڀٽائي آباد ۾ گئس لوڊشيڊنگ شدت اختيار ڪري ڇڏي، شهرين جي صبر به جواب ڏئي ڇڏيو، ڌڻي بخش ڳوٺ جي شهرين جو سياسي سماجي اڳواڻن سڪندر چانڊيو، راحب چانڊيو، مشتاق ڪيريو ۽ حاجي عبدالغفور جعفري جي اڳواڻي ۾ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو لڳايو ويو. ان موقعي تي ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته اسان جو چوڻ آهي هن نااهل حڪمرانن گئس لوڊشيڊنگ جي نالي ته ٻن مهينن کان گيس جي سپلاءِ بلڪل بند ڪري ڇڏي آهي، دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، گئس لوڊشيڊنگ هڪ کان 2 ڪلاڪ هجي ته سمجهه ۾ به اچي هن وقت گئس 24 ڪلاڪن مان 20 کان 22 ڪلاڪن تائين بند رکي وڃي ٿي، ڪنهن به وقت صرف 1 کان 2 ڪلاڪ گيس ڏني پئي وڃي، رڌ پچاءُ هن جديد دور ۾ ڪاٺين تي ڪرڻ تي مجبور آهيون، هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر گئس لوڊشيڊنگ يوسي 13 ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش ڳوٺ وارن علائقن مان ختم نه ڪئي وئي ته هڪ وڏي احتجاجي مظاهرن طرف وينداسين ۽ ڪراچي جا اهم روڊ رستا به بند ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.