ڏاهلي ۾ نوجوان جو دڪان مان لاش هٿ

ڇاڇرو(رپورٽ:يعقوب بجير)ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ جيتراڙ واسي پنج معصوم ٻارڙن جو پيءُ 38 ورهين جو يار محمد ولد بهادر نهڙي جو دڪان اندر ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي حد کينسر جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ کينسر اسپتال آندو،جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضرورت قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جانچ مطابق نوجوان ذهني توازن درست نه هو، اڳ به هڪ ڀيرو خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي، وڌيڪ معاملي جي جانچ ڪيون پيا، ڳوٺاڻن ۽ وارثن پوليس کي ٻڌايو آهي تي صبح جو سوير دڪان کولڻ کان پوءِ ڪجھ دير بعد دڪان اندر کان بند ڪري دڪان اندر پيل اڳٺن کي ڇت سان ٻڌي آپگهات ڪيو آهي، وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو تي جنات جو اثر هجڻ سبب ذهني توازن درست نه رهندو هو جنهن جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.