رائونتي جي ڪچي مان پوليس محرابپور واسي کي بازياب ڪرائي ورتو

ميرپورماٿيلو /رائونتي(رپورٽ : پريم راٺوڙ) پوليس پاران رائونتي جي ڪچي مان پوليس مقابلي بعد محراب پور جي رهواسي اسٽيٽ لائف انشورنس ۾ ملازم بشير احمد شيخ 15  ڏينھن اڳ اسٽيٽ لائيف انشورنس پاليسي جي سلسلي ۾ محراب پور کان ڏھرڪي آيو ۽ اتان اوٻاوڙو شھر ويو جتان نامعلوم فون ڪال تي اسٽيٽ لائيف انشورنس پاليسي جي سلسلي ۾ رونتي واري ڪچي ويو، جتان ھن کي نامعلوم ڌاڙيل اغوا ڪري ويا ھئا،  بازيابي بعد ھن ٻڌايو ته مان اسٽيٽ لائيف انشورنس پاليس واري شعبي ۾ ڪم ڪندو آھيان  محرابپور کان ڏھرڪي اتان اوٻاوڙو وري اتان رونتي واري ڪچي ڏانھن گھرائي اغوا ڪيو ويو ھو، جتان پوليس بازياب ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.