پڊعيدن لڳ درگاهه تي نينگر سان مبينا بدفعلي، امڙ سميت ٿاڻي پهتو

پڊعيدن  ( رپورٽ: ذيشان واسواڻو ) پڊعيدن لڳ پير جمن شاھ جي رهواسي 12سالا معصوم نينگر ارمان پٽ غلام قادر راڄپر سان  درگاھ حاجن شاھ تي ٻن جوابدارن پاران جنسي ڏاڍائي نينگر ماءُ سميت پڊعيدن پوليس اسٽيشن  تي پهچي وئي،  پوليس پاران واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي جڏهن ته زيادتي جو نشانو بڻيل  12سالا معصوم ارمان راڄپر جي ماءُ مسمات نظيران بيگم ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ  پير حاجن شاهه تي ٻهارو ڏيندو آھي  صبح منهنجي پٽ ارمان راڄپر کي شبير ڪوري جي ٻن پٽن ڌڪ هڻي مبينا جنسي زيادتي  ڪئي آھي، جنهن جي اسان پڊعيدن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي ۽ ٿاڻي وارن اسان کي ميڊيڪل جي ليٽر ڏنو آهي جيڪو ليٽر کڻي اسان ميڊيڪل جي لاءِ رورل هيلٿ سينٽر پڊعيدن آيا آهيون،  پيرسن عورت چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون اسان سان ظلم ٿيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،ٻئي پاسي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻڌايو ته اسان جزا وٺي چيڪا اپ جي لاءِ روهڙي موڪليا آهن،  رپوٽ اچڻ کان پوءِ  اصل حقيقت جي خبر پوندي جڏهن ته  الزام هيٺ آيل ڇوڪرن جي پيءُ غلام شبير ڪوري موقف ڏيندي چيو ته منهنجي ٻن پٽن قربان علي ۽ عدنان ڪوري تي جيڪي به زيادتي جا الزام لڳا آھن اهي سراسر غلط آھن منهنجا ٻئي پٽ گونگا آھن اسان غريب مسڪين آھيون هوڏانهن ايس ايڇ او رفيق ٻوهيو موقف ڏيندي چيو ته اسان واقعي جي اين سي داخل ڪئي آهي معاملي جي جاچ ڪيون ٿا فريادن کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو آهي ڏسون ته رپوٽ ۾ ڇا ٿو اچي وڌيڪ معاملي جي حقيقت تائين پهچڻ لاءِ اسان پوري ڪوشش ڪيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.