سنڌ حڪومت جي پاليسن سبب سنڌ مسئلن جو شڪار ٿي وئي آهي

گلشن اقبال (ن ع آ)ع ج پ مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي ناقص پاليسن سبب سنڌ گهڻ طرفي مسئلن جو شڪار ٿي وئي آهي ڪراچي کان ڪشمور تائين سموري سنڌ جا رهواسي بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهن سنڌ کي اجتماعي سياسي ۽ جمهوري جدوجهد فائدو ڏئي سگهي ٿي جماعت اسلامي هڪ انتهاپسندن جو ٽولو آهي جيڪي سنڌ سان نفرت ڪن ٿا ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جو سياسي ايجنڊا هڪ ئي آهي ڪراچي ۾ سنڌ جي مستقل رهواسين جي وچ ۾ نفرتن جي ديوار کڙي ڪئي پئي وڃي مڪاني ادارن جي آڙ ۾ لساني ڌريون حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي قومي وحدت خلاف به سازش سٽي رهي آهي جنهن کي سنڌي قوم ڪڏهن به برداشت نه ڪندي سنڌي ماڻهو باخبر ۽ هوشيار رهن ۽ لساني ڌرين کان الڳ ٿي پنهنجي تاريخي وطن جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ سياسي جدوجهد ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.