جماعت اسلامي ايم ڪيو ايم جي پويان آهي

گڏاپ (ن ع آ) سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي چيو آهي ته جماعت اسلامي راءِ جي ايجنٽ ايم ڪيو ايم جي پويان  آهي. جماعت اسلامي جو سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو سنڌ خلاف وڏي سازش آهي. جماعت اسلامي سنڌ صوبي ۾ ايم ڪيو ايم طرز جي سياست نه ڪري۔ جماعت اسلامي سنڌ ورهائڻ ۽ نفرت جي سياست کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري، سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن.جماعت اسلامي ۽ ان جي اتحادين جو سنڌ ٽوڙڻ وارو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ماضي ۾ به اهي ٻئي پارٽيون سنڌ دشمني ڪنديون رهيون آهن ۽ سنڌي اردو ڳالهائيندڙن کي وڙھائڻ جو سازشيون ڪري چڪيون آھن، هن وقت به اهي پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ ماضيءَ وانگر بيڪار ڪوششون ڪري رهيا آهن.ملڪ دشمن ڪڏهن به پنھنجي ملڪ ۽ عوام سان سچا نٿا ٿي سگهن. سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ اصل ۾ ملڪ دشمن آهن.  کين خبر آهي ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به سنڌ کي ورهائڻ نه ڏيندو۔ جماعت اسلامي سنڌ دشمني ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رھي آھي، جماعت اسلامي ايم ڪيو ايم جي ماءُ آھي جيڪا ھر وقت سنڌ خلاف زھر اوڳاڙيندي رھي آھي، سڄو ملڪ ڄاڻي ٿو ته جماعت اسلامي کي بنگلاديش به قبول نه ڪيو ھيو ھي افراتفري پکيڙڻ وارا ڪنهن سان به سچا نٿا ٿي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.