رياستي جبر باوجود سيد جي جدوجهد کي موٽ ملي پئي: اسلم خيرپوري

ميرپور بٺورو (رپورٽ : شوڪت سومرو ) جسقم آريسر پاران سائين جي ايم سيد جي سالگره تي سن ۾ سياسي جلسو منعقد ڪرڻ جو فيصلو، جسقم آريسر اسلم خيرپوري مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين ارباب ڀيل جنرل سيڪريٽري سرمد ميراڻي  پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته 17 جنوري سائين جي ايم سيد جي118 هين سالگره جي موقعي تي جسقم جي مرڪزي قيادت، جساف جي مرڪزي قيادت جيئمسٽ ڪائونسل جي اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن  سميت جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڪيڪ ڪاٽڻ بعد  سياسي جلسو ڪيو ويندو. اسلم خيرپوري پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته رياستي جبر جي باوجود به لکين سنڌي ماڻهن سائين جي ايم سيد جي ڪيل علمي ادبي سياسي جدوجهد کي موٽ ڏيڻ شروع ڪئي آھي. ھن چيو ته جسقم سائين عبدالواحد آريسر جي ڏنل پاليسين تي عمل ڪندي  سنڌ دشمن رٿائن ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي اهڙن منصوبن جي خلاف جدوجهد جاري رکندي. ارباب ڀيل چيو آھي ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ڪري سنڌ جي تاريخي ورثي سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي. اهڙي عمل جي مذمت ڪندي اهو واضع ٿا ڪريون ڪارونجهر سنڌ جو مزاحمتي مورچو آھي انهي جو اهڃاڻ روپلو ڪولهي جي شهادت آھي، ڪارونجهر مسڪين ماروئڙون جو اجهو ۽ روزگار جو ذريعو آھي. جنهن جي ڪٽائي جي خلاف سنڌ ۾ ٿيندڙ جدوجهد ۾ جسقم ڀرپور حصو وٺندي. هنن چيو ته وفاقي سرڪار کنڀي گم ڪيل شهرين جو بل گم ڪرائي ڇڏيو آھي اهڙي عمل کي انساني حقن جي سنڱين لتاڙ سمجهون ٿا اهڙي عمل جي خلاف انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ضمير کي نوٽيس وٺڻ گهرجي اهڙي  حرڪت  سان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي حياتين کي وڌيڪ خطرو محسوس ٿا ڪريون اهو عمل ڪندڙ اهي ساڳيان هٿ ملوث آھن جيڪي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪن ٿا کنڀي گم ڪندڙ مخلوق  کي اڳئي ڇوٽ مليل هئي هن شرارت سان وڌيڪ  گمشدگين جو خدشو ٿي سگهي ٿو جسقم اهڙي عمل جي نندا ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.