مريم نواز ميڊيا هائوسز جا اشتهارا روڪيا: شهباز گل

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي ترجمان ۽ سياسي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مريم صفدر لڳاتار صحافت جي  آزاديءَ تي حملا ڪري رهي آهي، مريم نواز جي آڊيو مان خبر پوي ٿي ته هن ميڊيا هائوسز جا اشتهارا روڪيا، سينيئر صحافين خلاف گٿن لفظن تي پريس ڪلب ۽ صحافتي تنظيمون خاموش ڇو آهن هن چيو ته تازي آڊيو ۾ سينيئر صحافين حسن نثار، ارشاد ڀٽي، مظهر عباس خلاف گٿا لفظ ڳالهايا آهن. هن چيو ته هڪ ڀڳوڙي ڏوهاري جون تقريرون نشر ڪرڻ بابت بحاليءَ لاءِ ڪجهه صحافي عدالتن ۾ وڃن ٿا پر هو ان معاملي تي خاموش آهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ راڻا ثناءُ الله جي گٿن لفظن تي صحافين جو ڪوبه ردِعمل نٿو اچي، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته انهن ماڻهن جو هر سطح تي هولڊ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.