فواد سان اهو اختلاف آهي ته ميڊيا سان نه وڙهي: شيخ رشيد

اسلام آباد( م ڊ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ چونڊن طرف وڌي رهيو آهي، ڪورونا پکڙجي پيو سياستدان هوش کان ڪم وٺن. پنهنجي نئين ڪتاب جي مهورت ڪندي شيخ  رشيد چيو ته هن  محنت سان سڀ ڪجهه جوڙيو آهي، سندس ڪا شگر مل ناهي،پوءِ به حالتون بهتر آهن. هن چيو ته دعا آهي ته 15 جنوري کان 15 مارچ تائين ڪورونا لهر نه پکڙجي جيئن مڪاني چونڊون بروقت ٿين. هن چيو ته فواد سان اهو ئي اختلاف آهي ته ميڊيا سان وڙهڻو ناهي، اڄ جي سياست ميڊيا کان سواءِ ناهي. هن چيو ته ننڍپڻ ۾ 7 سال جيل ڪاٽي. سندس اميد آهي ته سندس چوٿون ڪتاب سندس مرڻ کان چار سال بعد ايندو. ڇاڪاڻ ته هو ان ۾ اهڙو سچ لکندو جنهن تي اينڪر پروگرام ڪندا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.