لياري ۾ ڪارروائي، 21 سئو گرام چرس هٿ، 4 جوابدار گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي لياري ٽائون ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 4 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن کان 2100 سئو گرام چرس برآمد ڪيو 24 گرام وڪرو ڪيل چرس جي رقم پڻ برآمد ڪئي وئي، ايس ايس پي سٽي سرفراز نواز شيخ چيو ته جوابدار مختلف علائقن ۾ منشيات سپلائي ڪندا هئا جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدارن عباس علي، عادل، شبير سڪندر کي ڪلري ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو جوابدارن کان سندن ٻين ساٿين جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.