دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري جي وارڊ نمبر ھڪ م 2 معصوم نينگريون فاطمه ۽ مريم اوچتو فوت ٿي ويون معصوم نينگرين جي اوچتو فوت ٿيڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو نينگرين جي والد آفتاب احمد خاصخيلي ٻڌايو ته فاطمه ۽ مريم جي عمر تقريبا 6 مھينا ھئي 3 ڏينھن اڳ کين ڇاتي بند ٿيڻ سبب نواب شاھ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو نينگرين جو علاج ھلندڙ ھو گذريل رات به نينگريون ماءُ جو کير پي آرامي ٿيون آھن رات دير سان نينگرين کي تڪليف ٿي جنھن بعد نينگريون ٿوري دير ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، ٻئي پاسي نينگرين جي اوچتو فوت ٿيڻ تي سندن والدين کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا ھيا جڏھن ته معصوم نينگرين جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندن مڙھ کي مراد شاھ بخاري قبرستان م مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.