هالا مان گم ٿيل اڳوڻو ڪائونسلر پاڻمرادو گهر پهچي ويو

هالا (ن ع آ) هالا مان چارا ڏينهن اڳ گم ٿيل مخدوم هائوس جي قريبي رشتيدار ۽ اڳوڻي ڪائونسلر محمد بچل مغل جي ميڊيا تي خبر  تي  نشر ٿيڻ جي 12 ڪلاڪن بعد پاڻمرادو ڪوٽڙي جي رشيد ڪالوني کان واپس پنهنجي گهر هالا پهتو، محمد بچل مغل هالا پريس ڪلب هالا ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هن کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي عوامي آواز تي شايع ٿيل خبر جنهن ۾ گهرڀاتين ۽ رشتيدارن جي پريشان هجڻ تي خودڪشي جو ارادو ڪينسل ڪندي واپس گهر پهتس اڄ هن پريس ڪانفرنس ذريعي واضع ٿو ڪريان ڪجهه عرصي کان هو درگاهه سرورنوح جي گادي نشين مخدوم جميل الزمان کي سندس فيصلي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي پر سندس هڪ به نه پئي ٻڌي وڃي جنهن سبب خود ڪشي ڪرڻ چاهيم ٿي، هن چيو ته مخدوم جميل الزمان هڪ هفتي ۾ سندس فيصلو نه ڪيو ته هو پنهنجي زندگي جو فيصلو پاڻ ڪرڻ کان پهرين وڊيو ۽ آڊيو بيان ذريعي سندس موت جي ذميوارن جا نالا ۽ موت جو تفصيلي ڪارڻ ڄاڻائيندس.جنهن کانپوءِ هالا جو عوام منهنجي ڪيل فيصلي تي کانئن ضرور پڇاڻون ڪندو. هن چيو ته هن پريس ڪانفرنس کانپوءِ شايد مونکي مارايو پڻ وڃي، مگر سندس موت ۾ سندس پٽ جو ڪو به واسطو ناهي ۽ نه ئي وري هن سان ڪو به تڪرار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.