لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا مهر ۾ 24 ڏينهن اڳ ڏوهارين سان مقابلي ۾ شهيد ٿيل ڳوٺ حسين آباد واسي پوليس اي ايس آءِ مظفر حسين کوسو ۽ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ شادڻ جتوئي واسي پوليس ڪانسٽيبل نواب علي جتوئي جي خون سان انصاف لاءِ وارثن لاڙڪاڻو ، خيرپور پل روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي هنن شهيدن جون تصويرون هٿن ۾ کڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي سبب لاڙڪاڻي کان خيرپور ۽ ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ٻن ڪلاڪن تائين جام ٿي وئي شھيد ڪانسٽيبل نواب جتوئي جي ڀاءُ دلاور جتوئي، اربيلو جتوئي، حاجي مراد علي جتوئي ۽ ٻين دانهيو ته 24 ڏينهن اڳ بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا مهر ۾ ڏوهارين خلاف ٿيل آپريشن جي نتيجي ۾ ڏوهارين اي ايس آءِ مظفر حسين کوسو ۽ پوليس ڪانسٽيبل نواب علي جتوئي کي چڱي مڙس غلام حسين مهر جي بنگلي تي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کين گوليون هڻي شهيد ڪيو جن جا لاش ڪيترو ئي وقت واقعي واري هنڌ پيل رهيا بعد ۾ بقاپور ٿاڻي تي قتل ۾ ملوث 15 جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي ته 24 ڏينهن گذرڻ جي باوجود لاڙڪاڻو پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي ۽ نه ئي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي توڙي ايس ايس پي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪاروائي پيا ڪن شهيدن جا خون لوڙهڻ لاءِ ڪيس جي فريادي ايس ايڇ او پير شير طالب حسين جوڻيجو کي ڊيوٽي تان هٽايو ويو جنهن سان شهيدن جو ڪيس ڪمزور ۽ ناانصافي جو خدشو آهي، هنن چيو ته پوليس صرف ڏيکاءَ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ وڏا مهر ۾ ڪاروائي ڪري ڪجهه پراڻين ڀتين کي ڊاهي گهر ڊاهڻ جي ڪوڙي ڪاروائي ڏيکاري شهيدن جي وارثن کي هن وقت تائين انصاف نه ڏياري سگهي آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرائي انصاف ڏيارين.