غوثپور ۾ برسات، روڊن رستن تي پاڻي جمع ٿي ويو

غوثپور(ن ع آ) غوثپور ۾ سياري جي پهرين برسات پوڻ سان  شھر جي روڊن رستن گھٽين ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. شھر ۾ بيٺل گندو پاڻي تلاء ٿي ويا. گپ گندگي سبب شھرين سميت ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي.صفائي عملو غائب ھجڻ ڪري شھر واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت روڊن رستن تان صفائي ڪري رھيا آھن.  شھرين جو چوڻ هو ته غوثپور ٽائون ڪاميٽي جي پت وائکي ٿي وئي آهي. غوثپور ٽائون جي ھر مھيني جي بجيٽ 60 لک ھوندي به شھر ۾ صفائي عملو غائب آهي، غوثپور گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. ٻئي پاسي شهر واسين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪاميٽي وارا بجيٽ ملي ڀڳت ڪري ڪوڙا بل ٺاهي کائي وڃن ٿا سندن ڪو به پڇڻ وارو ناهي. ٽائون ڪاميٽي ۾ ڀرتي ڪيل صفائي عملي جا ڪيترائي ملازم ڀوتارن جي بنگلن تي ڪم ڪن ٿا شھر لاوارث بڻيل آهي. شھرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته اعلي اختياريون نوٽيس وٺي غوثپور ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ ۽ صفائي عملي جي جانچ ڪري شهر کي گند ڪچري کان بچائي صاف سٿرو ڪيو وڃي.

  • مصر ۾ 2 سالن جي ٻارڙي کي وڪرو ڪندڙ پيءُ گرفتار

قاهره (م ڊ )مصر ۾ 2 سالن جي ٻارڙي کي وڪرو ڪندڙ پيءِ کي گرفتار ڪري ورتوآهي ،سعودي سڌ سماءِ جي ذريعن موجب سيڪيورٽي فورسز هڪ شخص کي ان وقت گرفتار ڪيو جڏهن هو پنهنجي 2 سالن جي  ٻارڙي کي 50 هزار مصري پائونڊ عوض وڪرو ڪري رهيو هو .

  • سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران عمرڪوٽ ۾ نوان ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ٽنڊوڄام(ن ع آ ) سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران عمرڪوٽ ۾ ٿر جي شاگردن لاءِ وڌيڪ نوان ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران  سنڌ زرعي يونيورسٽي کي 54 ايڪڙن تي ٻڌل انفراسٽرڪچر حوالي ڪرڻ کانپوءِ وائيس چانسلر سميت تدريسي ۽ انتظامي شعبن جي سربراهن جو پهريون گڏيل دورو ڪيو جڏهن ته ڪئمپس کي ٿر جي نوجوانن لاءِ روشن مستقبل جو بنياد قرار ڏنو ، خبر موجب سنڌ حڪومت پاران سنڌ زرعي يونيورسٽي کي عمرڪوٽ ۾ 54 ايڪڙن تي ٻڌل ڪئمپس حوالي ڪرڻ کانپوءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميه، عمرڪوٽ، ٿر ۽ ميرپورخاص سميت سنڌ جي شاگردن کي بهترين اعليٰ تدريسي ۽ تحقيقي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري جي سربراهي ۾ يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ، ڊاڪٽر اعجاز علي کونهارو، ڊاڪٽر نعمت الله لغاري، ڊاڪٽر سيد غياث الدين شاهه راشدي، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، ڊائريڪٽر فنانس انيل ڪمار، پروجيڪٽ ڊئريڪٽر رياض حسين سومرو، ايڊوائزر پلاننگ ڊاڪٽر سيد ضياء الحسن شاهه ۽ ٻين عمرڪوٽ پهچي يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي موجود ۽ سنڌ حڪومت پاران مليل نئين ڪئمپس جو دورو ڪيو، ان موقعي يونيورسٽي جي سب ڪئمپس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جان محمد مري، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ۽ ان سان آيل ٽيم کي سب ڪئمپس ۾ جاري ڊگري پروگرامز ۽ مليل انفراسٽرڪچر بابت آگاهي ڏني، ان موقعي تي رٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وائيس چانسلر، عمرڪوٽ سميت ٿر جي شاگردن لاءِ نون ڊگري ڪورسز جي گهرج ۽ گنجائش بابت تجويزون طلب ڪيون،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سب ڪئمپس ۾ وڌيڪ نوان ڊگري پروگرام آڇڻ لاءِ علائقن جي سڀني اسٽيڪ هولڊرس ۽ خاص طور تي ڪميونٽيز کي صلاحن ۾ شامل ڪيو ويندو، جڏهن ته اجلاس دوران ٿر جي شاگردن کي ايگريڪلچر، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالوجي، انرجي اينڊ انوائرونمينٽ، اريگيشن اينڊ ڊرينيج، انجنيئرنگ سميت مختلف شعبن ۾ ڊگري پروگرامز بابت تجويزون پڻ ورتيون ويون، ڪئمپس ۾ ميڊيسنل پلانٽس، آرگنڪ فروٽس ۽ ڀاڄين، باءِ پراڊڪٽس، ڊيري ٽيڪنالوجي ۽ لائيواسٽاڪ ۾ ڊپلوما وارن ڪورسز تي به بحث ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته عمرڪوٽ سميت ٿر جي شاگردن ۾ تمام وڏو ٽيلينٽ موجود آهي، پر غربت سبب علائقي واسي پنهنجي نوجوانن خاص طور تي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ کي رهجي وڃن ٿا، ان ڪري ٿرواسين کي گهر جي ويجهو اعليٰ تدريسي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سب ڪئمپس کي وڌيڪ توسيع ڏئي رهيا آهيون ۽ نوان ۽ مارڪيٽ جي گهرجن موجب ڊگري پروگرامز ۽ ڊپلوما ڪورس شروع ڪيا ويندا ۽ جلد ئي هن ڪئمپس ۾ تدريسي عمل شروع ٿي ويندو، ان لاءِ اڄ جي دوري ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکي جوڙيل سفارشن جي روشني ۾ اڳتي قدم وڌايو ويندو، هن چيو ته ٿر ۾ ٿرڪول سميت مختلف خانگي شعبن پاران سيڙپڪاري جو به سلسلو هلندڙ آهي ۽ غيرسرڪاري تنظيمون به هنن علائقن ۾ سرگرم آهن، جن سان گڏجي نه صرف هن سب ڪئمپس جي ترقي وارن منصوبن تي ڪم ڪيو ويندو، پر ٿر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، گهٽ پاڻي تي زرعي پيدوار وڌائڻ ۽ فصلن جي نئين جنسن ۽ جانورن جي بهتر نسلن جي افزائش وارا پروگرام به متعارف ڪرايا ويندا، گڏوگڏ عام هارين ۽ ڀاڳين جي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ٽريننگ  ۽ ڪيپسٽي بلڊنگ جا پروگرام شروع ڪيا ويندا، جنهن سان هي علائقا ترقي طرف گامزن ٿيندا، ڊائريڪٽر ڪئمپس ڊاڪٽر جان محمد مري چيو ته ٿر ۾ جانورن جي پالنا وارو شعبي کي هٿي ڏيڻ سان گڏ هتان جي نوجوانن کي بهتر تدريسي ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي. ، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي رهنمائي ۾ نئين ڪئمپس جي شروع ٿيڻ کانپوءِ وڏا ڪيٽل ۽ ڪيمل فيسٽول لڳايا ويندا ۽ سيڙپڪارن ۽ خانگي شعبي جو به عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويندو، ان موقعي تي وشنداس، امام بخش چاچڙ، ميڊم لبنيٰ کوسو، اياز احمد، سليم چانگ، گل شير لوچي، نصرت حسين چانڊيو، مير محمد خشڪ، احسن چنا به گڏ هئا، ان کان اڳ وائيس چانسلر ٽيم سان گڏ سنڌ حڪومت پاران مليل نئين ڪئمپس ۾ موجود تدريسي پلاڪن، هاسٽلن، ريسٽ هائوس، استادن ۽ ملازمن جي رهائشي هاسٽلن، آڊيٽوريم هال، ميس، ڪينٽين، مارڪيٽ، مسجد جو جائزو پڻ ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.