احمد پور ۽ ڀرپاسي رولوڪتن جو آزار، چار ماڻهو ڏاڙهجي زخمي

احمدپور (رپورٽ: وقار احمد ميتلو) احمدپور ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي عدالتي حڪمن باوجود به ڪتا مار مھم جو سلسلو شروع نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري احمدپور شھر جي لاڙڪ محلي ۾ رولو ڪتن ٽن ٻارڙن محمد علي پٽ آصف لاڙڪ، برڪت علي پٽ صوبل شيخ، بلاول پٽ محمد شريف لاڙڪ ۽ ڳوٺ ابل خير اڄڻ جي رهواسي 8 سالن جي نعيم احمد اڄڻ کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن کي علاج لاءِ مقامي اسپتال بعد پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف ڪتي چڪيل ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ آهي ته احمدپور شھر سميت مختلف ڳوٺن ۾ عدالتي حڪمن باوجود به ڪتا مار مھم شروع نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ روزانو جي بنياد تي ڪيترن ئي ٻارن توڙي مرد عورتن کي رولو ڪتن پاران ڏاڙهي زخمي ڪيو وڃي ٿو جنهن جي احمدپور جي صحت مرڪز ۾ ويڪسين نه ھجڻ ڪري زخمين کي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو وڃي ٿو، ان موقعي تي ھنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪتا مار مھم شروع ڪرائي رولو ڪتن جي آزار کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.