شهداپور ۾ حادثو، 4 ڄڻا زخمي، هڪ مرڻينگ

شھدادپور (ن ع آ)شھدادپور ۾ گذريل رات دير سان روڊ حادثي ۾ 4 ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا، ٽن ڄڻن جي حالت  نازڪ هجڻ ڪري حيدرآباد اسپتال  منتقل ڪيو ويو. شھر جي جٽيا اوور فلاءِ تي تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر جي نتيجي ۾ چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ وشال ڪمار، اجي ڪمار، ھمت جھلڻ ۽ شعيب جھلڻ شامل آهن، زخمين کي شھدادپور جي انسٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شعيب جھلڻ،  وشال ۽ اجي ڪمار کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. زخمي شعيب ۽ ھمٿ  جھلڻ شھر جي اسلام آباد پاڙي جا رھواسي آهن ۽ اجي ۽ وشال پڻ بلديا ملازم شھر شھدادپور جا رھواسي آهن. پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي ۽ جٽيا ٿاڻي جي پوليس حادثي بعد موٽر سائيڪل تحويل ۾ وٺي رپورٽ درج ڪري ڇڏي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.