بنگلاديش نيوزيلينڊ کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ هارائي ڇڏيو

مائونٽ مونگانوئي(م ڊ) بنگلاديش نيوزيلينڊ کي پهرئين ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 1-0  تان برتري حاصل ڪري ورتي آهي. بنگلاديش جي بالرن جي بهترين بالنگ سبب نيوزيليند جي ٽيم پنجن ڏينهن واري پنهنجي ٻي اننگز ۾ 169 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ بنگلاديشي ٽيم کي ميچ ۾ ڪاميابيءَ لاءِ 40 رنسن جو هدف ڏنو. عبادت حسين شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ٻي اننگز ۾ 6 جڏهن ته تسڪين احمد 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. بنگال ٽائيگرز گهربل 40 رنسن جو هدف آسانيءَ سان ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. عبادت حسين کي بهترين بالنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

  • چائنا جي دوستي تي فخر آهي: مشاهد حسين سيد

اسلام آباد (م ڊ) سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو آهي ته اسان کي چائنا جي دوستي تي فخر آهي، بي آر آءِ سان سهڪار ۽ رابطيڪاري کي هٿي ملندي، گوادر پورٽ علائقائي ڪميونيڪيشن جو هڪ مرڪز ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان- چائنيز انٽر پرائيزز ايسوسيئيشن جي سالياني رپورٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سياسي پارٽين، سڀني صوبن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ کان سواءِ پاڪستان ۽ چائنا وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ برج بلڊر جو ڪم ڪري رهيو آهي. آل پاڪستان- چائنيز انٽر پرائز ايسوسيئيشن جي سالانا رپورٽ انتهائي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته چائنيز سيڙپڪارن لاءِ 37 ريگيوليشنز کي گهٽ ڪيو پيو وڃي ته جيئن انهن لاءِ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿئي. 2022ع ٻنهي ملڪن لاءِ هڪ سٺو سال ٿابت ٿيندو. ٿر ۾ توانائي جا منصوبا لڳايا ويا، جيڪي ماحول دوست منصوبا آهن. هن چيو ته گوادر پورٽ ، افغانستان، وچ ايشيائي ملڪن ۽ گوادر کان گلگت تائين ڳنڍيل هوندو. هن چيو ته بي آر آءِ جي حوالي سان 145 ملڪن ۽ 32 عالمي ادارن جون صحيحيون موجود آهن. لوڪل برادري سان رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.