اسان لاءِ ڪير به گهٽ يا وڌ ناهي، لسانيت نه پکيڙيو: ناصر شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پ پ ۽ مراد علي شاهه جي نالي تي شوشا ڇڏيا ويندا آهن، اسان لاءِ ڪير به گهٽ يا وڌ ناهي، لسانيت نه پکيڙيو.

ڪڪري اسپورٽس ڪامپليڪس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته اڄ ڪڪري گرائونڊ جو نالو مولانا محمد علي جوهر جي نالي سان جوڙيو ويو آهي.

هن چيو ته هتي ڪا به چائنا ڪٽنگ نه هلندي، هاڻ حددخلين خلاف آپريشن هلي رهيو آهي، ڌانڌلي جو سسٽم ختم ڪيو ويو آهي، مخالفن کي چونڊن ۾ پنهنجي شڪست نظر اچي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته اهي قانون آسماني ناهن جو انهن ۾ تبديلي نه ٿي سگهي، اسان سڀني جماعتن سان رابطي ۾ آهيون ۽ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، مان نه مڃيندس واري ڳالهه ڪڏهن نه کٽندڙ سلسلو آهي، لسانيت نه پکيڙيو، هن ڀيري انهن کي خبر آهي ڪامياب نه ٿيندا، تڏهن لسانيت پکيڙي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.