شاگرد کي ڪورونا ويڪسين لڳائيندڙ ماسترياڻي گرفتار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ عورت استاد کي پنهنجي 17 ورهين جي شاگرد کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ جي هڪ اسڪول ۾ 54 ورهين جي سائنس ٽيچر کي پنهنجي شاگرد کي ويڪسين لڳائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب عورت وٽ ميڊيڪل جي حوالي سان نه ته ڪو سرٽيفڪيٽ يا ڊگري هئي ۽ نه ئي هن ان حوالي سان ڪا تربيت ورتي هئي.

ويڪسين لڳائڻ جي وڊيو به آمريڪي ميڊيا ۾ گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ عورت چئي رهي آهي ته اميد آهي ته تون جلد ٺيڪ ٿي ويندي جڏهن ته شاگرد چئي رهيو آهي ته هو وٺو، گھر تي ئي ويڪسين لڳي رهي آهي.

پوليس موجب عورت اسڪول ۾ بائيولوجي پڙهائيندي آهي ۽ هن پنهنجي گھر تي ويڪسين لڳائڻ لاءِ شاگرد جي والدين جي رضامندي به حاصل نه ڪئي هئي پر چيو پيو وڃي ته شاگرد پاڻ چاهي پيو ته کيس ڪورونا ويڪسين لڳائي وڃي.

پوليس جاچ ڪري رهي آهي ته عورت وٽ ويڪسين لڳائڻ لاءِ ڊوز ڪٿان آيو ۽ اها ڪهڙي ويڪسين هئي، ڇو جو آمريڪا ۾ 18 ورهين کان گھٽ عمر جي ماڻهن لاءِ رڳو فائزر جي ڪورونا ويڪسين منظور ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.