سنڌ ۾ ڊيڊي، ادي، ٽپي ۽ اومني سميت سمورا سسٽم ختم ٿي ويا: حليم عادل

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ پ پ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بلاول جي پيءَ، پڦي صاحبه ۽ پ پ جي ٻين اڳواڻن جنهن انداز ۾ ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي.

پ پ چيئرمين جي بيان تي ردعمل ڏيندي حليم عادل شيخ چيو ته پرڏيهي فنڊنگ بابت بلاول جو بيان عجيب آهي، لڳي ٿو ته بلاول زرداري جعلي اڪائونٽس جي جي آءِ ٽي رپورٽ کي وساري ڇڏيو آهي، فنڊنگ جي ٽيڪنيڪل معاملي تي بيان ڏيڻ کان اڳ بلاول زرداري اسڪروٽني رپورٽ مڪمل پڙهي وٺي.

هن چيو ته ٿر جي آر او پلانٽس ۾ ڪرپشن جي پئسي سان بلاول زرداري جي نيرن ۽ کاڌي پيتي جا بل ڏنا ويا، سنڌ جي عوام جو پئسو رڪشا وارن، پاپڙ وارن سميت ٻين جي جعلي اڪائونٽس ۾ جمع ڪرائي مني لانڊرنگ ڪئي وئي.

سندس چوڻ هو ته بلاول زرداري پنهنجي معصوميت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بلاول زرداري سنڌ ۾ 14 سالن جي ٿيل ڪرپشن جو عوام کي جواب ڏئي.

حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڊيڊي، ادي، ٽپي ۽ اومني سميت سمورا سسٽم ختم ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ اڄڪلهه بلاول زرداري ۽ مراد نظام هلي رهيو آهي، ان سسٽم جو اڳواڻ بلاول زرداري اينڊ ڪمپني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.