پ پ جو تحريڪ انصاف جي فارن فنڊنگ بابت رپورٽ تي  جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽرن تحريڪ انصاف جي فارن فنڊنگ بابت رپورٽ تي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ کي ايندڙ چونڊن جي لاءِ نئين پارٽي رجسٽرڊ ڪرائڻي پئي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي آڏو پيش ٿيندا رهندا آهيون، انهن جيترا ڪيسز ٺاهيا آهن، انهن ۾ پيش ٿيندا رهيا آهيون پر هو پاڻ گم ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ اسان جي اهڙي ڪا به شئي ناهي، پ پ اها اڪيلي پارٽي آهي، جنهن بابت سمورين بئنڪن لکي ڏنو آهي ته ڪا به فارن فنڊنگ ناهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته منهنجو چئلينج آهي ته ڪا به پارٽي بئنڪ مان سرٽيفڪيٽ آڻي ٻڌائي ته هُن ڪڏهن به فارن فنڊنگ ناهي ورتي، اسان پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل ڏنا آهن.

پ پ سينيٽر چيو ته فارن فنڊنگ ۾ شروع کان ئي تحريڪ انصاف جو نالو آهي، جڏهن ته ٻيون پارٽيون 50 سال پراڻيون آهن، انهن تي ڪنهن به الزام ناهي لڳايو، پي ٽي آءِ تي ڪنهن ٻي پارٽي نه پر اُن جي پنهنجي ميمبر فارن فنڊنگ جو الزام لڳايو ۽ چيو ته فارن فنڊنگ ڊڪليئر ناهي ڪئي، کائي ويا ۽ اڪائونٽس لڪايا.

ان موقعي تي سينيٽر پلوشا خان چيو ته تحريڪ انصاف کي فنڊنگ ڪندڙن جو سامهون اچڻ تمام ضروري آهي، ڇو پرڏيهي ماڻهو عمران خان کي فنڊنگ ڪري رهيا آهن؟

هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪيون ته جهڙي ريت پاناما ۽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آءِ ٽي ) جوڙي وئي، اهڙي ريت جاچ ٽيم جوڙي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.