ڪراچي: ڀٽائي آباد جي رهواسين جو گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف ڌرڻو

ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد جي رهواسين پاران گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف سئي گيس جي هيڊ آفيس آڏو  ڌرڻو هنيو ويو.

ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد جي يوسي 13 جي  ڳوٺ ڌڻي بخش جي رهواسين پاران سڪندر چانڊيو، راحب چانڊيو، مشتاق ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوئي سدرن گيس جي هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن مهينن کان گيس جي سپلاءِ بلڪل بند آهي دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.

هنن چيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ سبب مهانگيون ڪاٺيون خريد ڪري وقت ڪاٽي رهيا آهيون، جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر گيس جي بحالي نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.