شهدادڪوٽ: بي رحم مڙس زال کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ ۾ بي رحم مڙس پسٽل جا فائر ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو.

شهداڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نيو ڪمبوهه پاڙي ۾ برڪت سيواڻي پنهنجي زال 4 ٻارڙن جي ماءُ شبانا کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ٻارن کي کڻي فرار ٿي ويو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مقتولا جي لاش کي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

مقتولا شبانا جي  ڀاءُ  اسلم ميرجت صحافين  کي ٻڌايو ته سندس ڀيٽيوي رات جو فون ڪري ٻڌايو ته هن اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اعلي ٰ اختيارين کي اپيل آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري ڀيڻ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.