ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردياڻين جون ويڊيوز ٺاهي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم ونگ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪارروائي ڪندي شاگردياڻين کي هراسان ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) سائبر ڪرائم ونگ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر عمران رياض ٻڌايو ته سائبر اسٽروم آپريشن تحت ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي.

متاثر شاگردياڻي ايف آءِ اي کي شڪايت ڪئي هئي ته جوابدارن ساٿي شاگرد سان گڏ گاڏي ۾موجود هجڻ وقت ويڊيو ٺاهي ۽ رقم ادا نه ڪرڻ تي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر موجب ڪارروائي جي نتيجي ۾ بليڪ ميلنگ، هراسان ڪرڻ، ڀتي خوري ۽ فحش مواد شيئر ڪرڻ ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي سڃاڻپ فضل داد ۽ عدنان علي طور ٿي، جن مان هڪ يونيورسٽي جي حد ۾ رڪشو هلائيندو آهي، جڏهن ته ٻيو يونيورسٽي پروفيسر جو ڊرائيور آهي.

ايف آءِ اي موجب جوابدار مردن ۽ عورتن جون لِڪي وڊيوز ٺاهيندا هئا ۽ بعد ۾ کين بليڪ ميل ڪري رقم حاصل ڪندا هئا.

جوابدارن جي قبضي مان ڊجيٽل سامان هٿ ڪري فرانزڪ تجزيي جي لاءِ اماڻيو ويو، جنهن مان پتو پيو ته جوابدارن يونيورسٽي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪيو.

ايف آءِ اي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ خدشو ظاهر ڪيو ته يونيورسٽي جا ملازم به اهڙي ڪم ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٻڌايو ته وڌيڪ 6 جوڙن سامهون اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب انهن جي سڃاڻپ کي ڳجهو رکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.