پيٽرول مهانگو ڪرڻ تي قازقستان ۾ عوام جو احتجاج، صدر ڪابينا ٽوڙي ڇڏي

نور سلطان (ويب ڊيسڪ) قازقستان جي صدر ملڪ ۾ جاري احتجاج سبب ڪابينا کي برطرف ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب قازقستان جي صدر قسم جومارت ڪابينا کي برطرف ڪري ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر الماتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب قازقستان ۾ پيٽروليم شين جي اگھن ۾ واڌ کان پوءِ سخت احتجاج ڪيو پيو وڃي جنهن کان تي صدر ڪابينا کي برطرف ڪيو ۽ وزيراعظم جي استعيفيٰ به منظور ڪئي وئي آهي جڏهن ته صدر وقتي طور ڪابينا کي فوري طور تي ايل پي جي جا اگھه بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ان کانسواءِ صدر وقتي طور ڪابينا کي حڪم ڏنو ته هو پيٽرول، ڊيزل ۽ عام شهرين جي استعمال جي شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ پنهنجو دائرو وڌائين.

ميڊيا رپورٽن موجب گذريل رات الماتي ۾ پوليس ۽ هزارين احتجاج ڪندڙن وچ ۾ چڪريون ٿيون جنهن ۾ مظاهرين حڪومت کان مستعفي ٿيڻ جو مطالبو ڪيو هو، پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جهڙپن کان پوءِ صدر ڪابينا کي برطرف ڪيو.

پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جهڙپن ۾ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ اسٽن گرينيڊ جو به استعمال ڪيو.

قازقستان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ميسينجر ايپليڪيشن، ٽيليگرام ۽ واٽس ايپ سميت ٻين سوشل ميڊيا ايپليڪيشنز کي بند ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.