سٺو ٿيو جو جنرل صاحب به ديل جي ڳالهين بابت ڪليئر ڪري ڇڏيو: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ن ليگ جي ڊيل جون ڳالهيون ماڻهو پنهنجي شوق لاءِ ڪري رهيا هئا، سٺو ٿيو جو اڄ جنرل صاحب به ديل جي ڳالهين بابت ڪليئر ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ هر ٽن مهينن کانپوءِ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو رواج آهي، سياست پنهنجي پيرن تي بيهي ناهي ڪرڻي هوندي ته اهڙن افواهن تي ئي بيهڻو پوندو آهي.

هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري جو نه ڪو حال آهي ۽ نه مستقبل، هي سلسلو نواز شريف ۽ آصف زرداري جي بنا ئي هلڻو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.