تيز بخار کي فوري طور تي ڪيئن گھٽائجي؟

سياري جي موسم ۾ بخار ٿيڻ عام ڳالهه آهي پر اهو هڪ تڪليف ڏيندڙ مرض آهي، ڪجهه نسخا اپنائي فوري طور تي ان کي گھٽائي سگھجي ٿو.

جيئن ئي بخار جي شدت ۾ واڌ ٿيندي آهي ۽ بخار هڪ سئو هڪ کان هڪ سئو ٻه تي پهچندو آهي ته جسم ۾ شديد تڪليف ۽ ڪمزوري ٿيڻ لڳندي آهي، پر اهڙي حالت ۾ فوري طور تي بخار کي ڪيئن ختم ڪجي اچو ته ڄاڻيون ٿا.

فوري طور تي بخار جي شدت کي گھٽ ڪرڻ جو گھريلو نسخو

سڀ کان پهريون طريقو اهو آهي ته جيئن ئي بخار جي شدت ۾ واڌ جو احساس ٿئي ته فوري طور تي وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ شروع ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح بخار جي شدت ۾ گھٽتائي ايندي.

جڏهن بخار هڪ سئو هڪ کان ٽپي وڃي ته فوري طور تي برف کڻي وٺو ۽ ان کي پنهنجي بغلن هيٺان رکي ڇڏيو، ان سان اوهان جو بخار گھٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو. اوهان کي ان سان تڪليف ته ٿيندي پر اهو نسخو فوري طور تي پنهنجو ڪم ڏيکاريندو.

ان کانسواءِ جڏهن بخار هجي ته ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽئي ڀيرا ننڍا ڦوٽن جو پاڻي پي وٺو، ان لاءِ هڪ پين ۾ چار ڪپ پاڻي کڻُ ان ۾ 3 کان 4 ننڍا ڦوٽا کولي وجهي ڇڏيو، جڏهن پاڻي 3 ڪپ رهجي وڃي ته ان کي ڇاڻي هڪ ڪپ گرم پاڻي پي وٺو، بخار لهي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.