ٻين جا ڪيل واعدا پ پ پورا ڪري رهي آهي: مرتضيٰ وهاب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته واعدا ڪو ٻيو ڪري رهيو آهي ۽ مڪمل پ پ پئي ڪري، ڪراچي جي جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري رهيو آهي ته اها پ پ آهي.

ڪڪري اسپورٽس ڪامپليڪس جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته سليڪٽ ٻيو ڪو ٿيو ۽ خدمت رڳو پ پ ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڪالهه ڪراچي ۾ تيز مينهن وسيو، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارا نظر نه آيا، رڳو پ پ جا ماڻهو روڊن تي هئا، ٻين ماڻهن ڪيترائي واعدا ڪيا پر پورا نه ڪري سگهيا.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي آئين موجب پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.