سول ايوي ايشن تي لاڳو عالمي پابنديون ختم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي (پي سي اي اي) چيو آهي ته انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائزيشن (آءِ سي اي او) سموريون پابنديون هٽائي ڇڏيون آهن ۽ پاڪستاني ايئر لائنز کي يورپ، آمريڪا ۽ برطانيا جي لاءِ اڏامن جي اجازت هوندي.

پي سي اي اي جي ترجمان سيف الله خان چيو آهي ته آءِ سي اي او پائليٽس کي لائسنس جاري ڪرڻ جي لاءِ ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پاڪستاني ايئر لائنز تي يورپ، آمريڪا ۽ برطانيا جي لاءِ اڏامن تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.

سيف الله خان چيو ته بين الاقوامي ايوي ايشن سيفٽي بابت سمورا اعتراض به واپس وٺي ڇڏيا ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن تي به اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ سي اي او پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل خاقان مرتضيٰ کي خط ۾ لکيو ته پاڪستان سمورن اعتراضن تي اطمينان جوڳا قدم کنيا آهن.

آءِ سي اي او  اهڙي قدمن کانپوءِ پي آءِ اي سميت سمورين پاڪستاني ايئر لائنز  تي يورپ، برطانيا ۽ آمريڪا جي لاءِ لڳايل پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.