ڪيوي ميوي ذريعي تيزي سان وزن گھٽائڻ ممڪن

قدرت اسان جي ڀرپاسن ۾ شفا جا خزانا وکيري رکيا آهن. جيڪڏهن اوهان وزن گھٽ ڪرڻ لاءِ باقاعده ورزش ڪندا آهيو ته ڪيوي ميوو ان عمل کي وڌيڪ فائديمند بڻائي جسم مان چرٻي ڳارڻ ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

هڪ نئين مطالعي مان خبر پئي آهي ته ڪيوي موو کاڌو وڃي ۽ ورزش جاري رکي وڃي ته ان سان پيٽ جي چرٻي ڳرڻ جو عمل تيز ٿي وڃي ٿو ۽ رڳو ٽن مهينن ۾ ان جا واضح نتيجا سامهون اچڻ لڳن ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته ڪيوي ۾ مختلف قسمن جا پولي فينولز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ جُز به موجود هوندا آهن.

جرنل نيوٽريئنٽس ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ موجب ڪيوي ميوو هڪ ته رت ۾ گلوڪوز معمول تي رکي ٿو ۽ ٻيو اهو ته عمر وڌائيندڙ بايو مارڪرز کي به هٿي ڏئي ٿو.

ماهرن جو مشورو آهي ته جيڪي ماڻهو وزن گھٽائڻ چاهين ٿا ته ورزش سان گڏ ڪيووي ميووي جي استعمال کي پنهنجي معمول جو حصو بڻائين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.