ڪورونا ويڪسين جي بوسٽر ڊوز بابت پاليسي جاري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب صوبي ۾ ڪورونا ويڪسين جي بوسٽر ڊوز جي حوالي سان پاليسي جاري ڪئي وئي آهي.

پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر پنجاب بوسٽر ويڪسين تي پاليسي جاري ڪري ڇڏي، پنجاب ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءَ جو بوسٽر ڊوز 3 گروپن کي لڳندو.

پاليسي موجب 30 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو بوسٽر ڊوز لڳرائي سگهندا، اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ هيلٿ پروفيشلز کي بوسٽر ڊوز لڳندو، جڏهن ته گهٽ مدافعتي قوت وارا مريض ۽ تازو ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙ به بوسٽر ڊوز لڳرائي سگهندا.

پاليسي تحت بوسٽر ڊوز لاءِ پهرين ويڪسينيشن کان 6 مهينن جو وقفو ضروري آهي، ويجهر ۾ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيندڙ مريض 28 ڏينهن کانپوءِ ويڪسين لڳرائي سگهندا.

بوسٽر ڊوز سائنو فام، سائنو ويڪ، فائزر ۽ موڊرنا جا لڳندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.