دماغي بيمارين جو خاتمو ڪندڙ ٽماٽا

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ اهڙا ٽماٽا وڪرو ڪيا پيا وڃن جن بابت دعويٰ آهي ته اهي بلڊ پريشر گھٽائڻ کان سواءِ سٺي ننڊ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا ۽ اينگزائٽي جو خاتمو به ڪن ٿا.

انهن ٽماٽن کي هڪ جاپاني بايو ٽيڪنالوجي ڪمپني ”سناٽيڪ سيڊ“ جينياتي انجينيئرنگ جي جديد ترين ٽيڪنيڪ ”ڪرسپر“ جي مدد سان تيار ڪيو آهي.

ان ۾ گيما مائنو بيوٽائرڪ ايسڊ (گابا) چورائيندڙ هڪ مادو قدرتي طور تي ٺهي ٿو جيڪو بلڊ پريشر کي گهٽ ڪرڻ سان گڏ عضون کي به سڪون پهچائي ٿو.

جاپان ۾ گابا هڪ مشهور صحت بخش مرڪب جي حيثيت سان وڪرو ٿيندو آهي. اها وٽامن سي جيان آهي. ان ڪري اسان پنهنجي جينيوم ايڊيٽنگ ٽيڪنالوجي لاءِ ان کي سڀ کان پهريان هدف طور تي چونڊيو آهي“ سنا ٽيڪ سيڊ جي چيف ٽيڪنالوجي آفيسر هيروشي ايزورا جو اهو چوڻ آهي، جيڪو سوڪوبايو يونيورسٽي جاپان ۾ پلانٽ ماليڪيولر بائيولوجسٽ به آهي.

پر ان بابت ”نيچر ٽيڪنالوجي۾ جي رپورٽر ايملي والٽر پنهنجي هڪ تازي خبر ۾ شڪ  شبهن جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته اها دعويٰ 2033ع ۽ 2009ع ۾ به ڪئي وئي هئي، جن تي اعتماد ڪرڻ ڏکيو آهي.

واضح رهي ته جاپان ۾ ”گابا ٽماٽن“ کي 2020ع ۾ وڪري لاءِ منظور ڪيو ويو هو جڏهن ته ڪجهه مهينا اڳ اتي ان جو وڪرو به شروع ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.