پي ايم ايس امتحان ۽ ملازمتن بابت خوشخبري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پبلڪ سروس ڪميشن تحت پي ايم ايس امتحان ۽ ملازمتن لاءِ عمر ۾ خاص رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پنجاب حڪومت طرفان پي ايم ايس امتحان ۾ حصو وٺندڙ جي عمر ۾ ٻن سالن جي رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته ملازمتن لاءِ ڀرتي ٿيندڙ اميدوارن کي به ٻن سالن جي رعايت ملندي.

ان ڏس ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته نوجوان اسان جو سرمايو آهي، عمر ۾ رعايت سان کين فائدو ٿيندو، ملازمتن ۾ ٻن سالن جي رعايت سان نوجوانن کي انهن جو حق ڏنو آهي.

هن چيو ته عمر ۾ ٻن سالن جي رعايت جي اصولي منظوري ڏني وئي آهي، پنجاب ڪابينا کان به ان جي باقاعدي طور منظوري ورتي ويندي.

واضح رهي ته گذريل سال پي ايم ايس آفيسرن جو امتحان ڏيندڙن جي عمر ۾ هڪ سال جي رعايت جو اعلان ڪيو ويو هو، امتحان ڏيندڙن جي عمر 2021 کان ڏٺي ويندي، گڏوگڏ اوور ايج وارا اميدوار ايندڙ سال امتحان ڏئي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.