مسلمان عورتن جي نيلامي ڪندڙ ايپ جي ماسٽر مائنڊ گرفتار

 

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) مسلمان عورتن جي نيلامي ڪندڙ ايپ ”بلي بائي“ جي ماسٽر مائنڊ ڇوڪريءَ کي ڀارتي رياست اتراکنڊ مان گرفتار ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ڄاڻايل ايپ ڪيس جي جاچ شروع ٿيندي ئي هن گينگ جي ڪيترن ئي ميمبرن پنهنجا موبائل فونز بند ڪري ڇڏيا هئا پر رودرپور جي آدرش ڪالوني جي رهواسڻ 18 ورهين جي شويتا سنگهه جو موبائل فون آن هو، ان بنياد تي ممبئي پوليس نگراني ذريعي کيس گرفتار ڪيو.

جاچ سان پتو پيو ته دهلي، مهاراشٽرا ۽ بينگلور کانسواءِ ڪيترين ئي رياستن جا کليل پڙهيل ڀارتي نوجوان هن ايپ سان واڳيل هئا، پوليس هاڻي انهن جي به ڳولا ڪري رهي آهي.

ان معاملي تي ميانڪ نالي جوابدار کي ممبئي پوليس حراست ۾ ورتو آهي، جڏهن ته پوليس اڳ ئي بينگلور مان انجنيئرنگ جي 21 ورهين جي شاگرد وشال جها کي گرفتار ڪري چڪي آهي.

ايپ جي ماسٽر مائنڊ ناري بابت پتو پيو آهي ته شويتا جو پيءُ گذريل سال ڪورونا انفيڪشن سبب فوت ٿي ويو هو، سندس امڙ ڪجهه مهينا اڳ ڪينسر سبب فوت ٿي هئي.

شويتا جي وڏي ڀيڻ ڪامرس گريجويشن ڪري چڪي آهي، شويتا به انجنيئرنگ ۾ داخلا جي لاءِ تياري ڪري رهي هئي، شويتا JattKhalsa07 جي نالي سان جعلي ٽوئيٽر هينڊل شروع ڪيو.

هن ٽوئيٽر هينڊل کي نفرت تي ٻڌل پوسٽن، اعتراض جوڳين تصويرن ۽ تبصرا اپلوڊ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، ان سان واڳيل ماڻهو به اهڙي ئي نظريي تي يقين رکن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.