مريض کڻي ايندڙ ايمبولينس سان حادثو، 4 ڄڻا فوت

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) دير بالا ۾ ايمبولينس درياهه ۾ ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

خيبر پختونخواهه جي ضلعي دير بالا جي علائقي شرينگل گرڙي وٽ ايمبولينس سان حادثو پيش آيو ۽ درياهه ۾ ڪري پئي.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾2 عورتون ۽ 2 ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا.

پوليس ٻڌايو ته ايمبولينس ۾ سوار ماڻهو پشاور کان مريض کڻي پاتراڪ وڃي رهيا هئا، ريسڪيو ٽيمن جي مدد سان عورتن ۽ ٻارڙن جا لاش ڪڍيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.