ايپل دنيا جي امير ترين ڪمپني بڻجي وئي

آءِ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ايپل 500 کرب رپين جي اثاثن تائين پهچڻ واري دنيا جي پهرين ڪمپني بڻجي وئي جنهن جي ماليت برطانيا يا ڀارت جي گڏيل جي ڊي پي جي برابر آهي.

ڪمپني جي اثاثن جي ماليت کي برطانيا يا ڀارت جي گڏيل جي ڊي پي جي برابر ٻڌايو پيو وڃي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايپل ڪمپني جو شيئر تازو ئي 182 پوائنٽ 88 ڊالرن تائين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل اهو اعزاز پنهنجي 45 ورهين ۾ حاصل ڪيو آهي. ڪمپني 2018ع ۾ هڪ ٽريلين ڊالرن ۽ 2020ع ۾ ٻه ٽريلين ڊالرن جي حد پار ڪئي هئي.

ايپل کي وڌيڪ هڪ ٽريلين حاصل ڪرڻ ۾ رڳو 16 مهينا ۽ 5 ڏينهن لڳا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.