بابر اعظم هڪ ٻئي ميدان ۾ ڪوهلي کي مات ڏئي ڇڏي

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ڀارت جي ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

آءِ سي سي جي نئين رينڪنگ موجب ٽيسٽ بيٽسمينن ۾ پاڪستان جو بابر اعظم هڪ درجو ترقي ڪندي اٺين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڀارت جو ويرات ڪوهلي نائين نمبر تي هليو ويو آهي.

ٽيسٽ بيٽسمينن ۾ آسٽريليا جي مارنس لبوشين جو پهريون، انگلينڊ جي جو روٽ جو ٻيو ۽ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جو ٽيون نمبر آهي.

رينڪنگ ۾ محمد رضوان 17هين، فواد عالم 18هين، عابد علي 20هين، اظهر علي 24هين ۽ اسد شفيق 42هين نمبر تي موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.