ماضي ۾ روڊن جي اڏاوت ۾ ڪرپشن ڪئي وئي ۽ ڪو ثبوت نه ڇڏيو ويو: وزيراعظم

 

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ روڊن جي اڏاوت ۾ ڪرپشن ڪئي وئي پر ان جو ڪو ثبوت نه ڇڏيو ويو.

هڪله، ڊيرا اسماعيل خان موٽر وي جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ جي ڀيٽ ۾ 2013 ۾ روڊن جي اڏاوت تي ٻيڻو خرچ ڪيو ويو، جيڪڏهن پئسو چوري نه ٿئي ها ته وڌيڪ روڊ ٺهن ها.

هن چيو ته ماضي ۾ روڊن جي اڏاوت ۾ ڪرپشن ڪئي وئي پر ان جو ڪو ثبوت نه ڇڏيو ويو، گهٽ ۾ گهٽ ارب هزار ارب رپيا ماڻهن جي کيسن ۾ ويا، سوچيو ڪيس نيب ۾ ڏيون پر انهن اهڙو ڪم ڪيو جو جيڪڏهن عدالت ۾ وينداسين ته چوندا سڀني ضابطن ۽ طريقي ڪار تي عمل ڪيو ويو.

وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي ته اها 2013 جي ڀيٽ ۾ ٻيڻا پر اڌ قيمت تي روڊ ٺاهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.