موبائل سان کُلندڙ ۽ هلندڙ دنيا جي پهرين گاڏي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني هواوي جديد ترين گاڏي متعارف ڪرائي آهي جنهن کي موبائل جي مدد سان کولي ۽ هلائي سگھجي ٿو.

ٽيڪنالوجي ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب هواوي طرفان اي آءِ ٽي او ايف فائيو نالي سمارٽ ڪار متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن کي بلڪل نئين انداز سان ڊزائين ڪيو ويو آهي. اها دنيا جي پهرين ڪار آهي جيڪا هائبرڊ ۽ هواوي جي پنهنجي آپريٽنگ سسٽم، هارمني او ايس استعمال ڪري ٿي.

huawei aito m5 2

هواوي سمارٽ گاڏين جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر يوچينگ ڊونگ ٻڌايو ته اها دنيا ۾ متعارف ٿيندڙ پهريون ڊجيٽل چاٻي واري گاڏي آهي، جنهن ۾ بلوٽوٿ ۽ ايف ايف سي سپورٽ به ڏني وئي آهي.

huawei aito07

هن ٻڌايو ته ايف فائيو گاڏي بين جي ڀيٽ ۾ ان لاءِ انوکي ۽ جديد آهي جو ان جي  لاڪ کُولڻ ۽ اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ عام چاٻي جيان ضرورت پيش نٿي اچي پر اها گاڏي هارمني آپريٽنگ سسٽم واري موبائل جي مدد سان سمورا معاملا انجام ڏئي ٿي.

aito m5 1 e163

سولن ۽ سادن لفظن ۾ ڊجيٽل چاٻي جي تعريف ڪجهه اهڙيءَ طرح ڪري سگھجي ٿي ته ان لاءِ باقاعده هٿ ۾ رکڻ واري لوهي چاٻي جي ضرورت نٿي پوي پر موبائل ۾ موجود هارموني والٽ جو پاس ورڊ ئي ان جي چاٻي آهي.

Huawei's AITO M5 Exceeds 6,500 Units Booking in Just 4 Days of Launch 4

ڊجيٽل چاٻي کي بلوٽوٿ ۽ اين ايف سي ذريعي استعمال ڪري سگھبو، جيڪڏهن واهپيدار جي موبائل بند ٿي وڃي ته چاٻي به ڪم نه ڪندي. سٺي خبر اها آهي ته جلد هواوي ڪار ڪمپني جي نئين سمارٽ واچ سان به هلائي سگھبي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.