سشميتا، دانيال ظفر جي مداح بڻجي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ اڳوڻي مس يونيورس سشميتا سنگهه گلوڪار علي ظفر جي ڀاءُ ۽ گلوڪار دانيار ظفر جي دل کولي تعريف ڪئي آهي.

سشميتا سين انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هو پنهنجي ڌيءَ اليسه سان گڏ گھمندي نظر اچي رهي آهي، وڊيو جي بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ۾ دانيال ظفر جو گيت ”اُڙ چليي“ هلي رهيو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Sushmita Sen (@sushmitasen47)

اداڪارا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ جتي ممبئي جي خوبصورت منظر جي تعريف ڪئي اتي ئي هن ٻڌايو ته اهو گيت سندس ڌيءَ جو پسنديده گيت آهي، گڏ ئي سشميتا دانيال ظفر کي مينشن به ڪيو.

فوٹو: اسکرین شاٹ

دانيا ظفر سشميتا طرفان سندس تعريف تي خوشي جو اظهار ڪندي تفصيلي ڪميٽ ذريعي چيو ته هن جو خواب پورو ٿي ويو آهي.

ڀارتي اداڪارا دانيال جي ڪميٽ جي جواب ۾ کيس ساراهيو ۽ چيو ته اوهان هڪ خوبصورت پيغام ڏنو آهي، اوهان جو آواز ۽ اهو گيت دل جا جذبا آهن.

واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جو سشميتا سين پاڪستاني فنڪار کي موٽ ڏني هجي، ان کان اڳ مشهور يوٽيوبر زيد علي ۽ سندسن دوستن طرفان اداڪارا سشميتا جي فلم ”مين هون نا“ جي سين کي نئين طرز سان شوٽ ڪرڻ تي به اداڪارا تعريف ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.