نواب شاهه: پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

نواب شاهه (ويب ڊيسڪ) نواب شاهه ۾ پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

پوليس موجب پيپلز ميڊيڪل اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن سان هڪ ڄڻو مارجي ويو.

پوليس ٻڌايو ته مارجي ويل جي سڃاڻپ عمران سولنگي جي نالي سان ٿي آهي، واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.