اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ عمران خان تي فرد جرم آهي: شهبازشريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ کي وزيراعظم عمران خان تي فرد جرم قرار ڏئي ڇڏيو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته سچائي هڪ خاص انداز سان ماڻهن کي بي نقاب ڪندي آهي، اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ عمران خان تي واضح فرد جرم آهي.

هن چيو ته سڀني کي  خبر پئجي وئي آهي ته پي ٽي آءِ 7 سال پرڏيهي فنڊنگ کان ڇو ڀڄي رهي هئي، صادق ۽ امين جي چهري تان پردو لهي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.