ويوو جا  ڊوئل سيلفي ڪيمرا ۽ رنگ مٽائيندڙ ڪَور وارا موبائل فون متعارف  

ويوو وي 23 سيريز جا 2 نوان سمارٽ فونز متعارف ڪرائي ڇڏيا.

وي 23 ۽ 23 پرو ۾ سيلفي ڪيمرائن ۽ ڊزائين تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ ٻنهي ۾ بيڪ تي ميٽل ۽ گلاس کي گڏ استعمال ڪيو ويو آهي جنهن سبب اهو سج جي روشني ۾ ڪجهه دير رهڻ تي رنگ تبديل ڪري ٿو.

وي 23 ۾ فليٽ جڏهن ته پرو ماڊل ۾ ڊوئل ڪروڊ اسڪرين ڊزائين ڏني وئي آهي.

وي 23 پرو ۾ 6.56 انچن جي اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز جي ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جنهن ۾ ٿري ڊي ڪروڊ ايجز موجود آهن.

فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 1200 پراسيسر ڏنو ويو آهي جنهن سان گڏ 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشنز موجود هوندا.

فوٹو بشکریہ ویوو

ڊوائيس ۾ 4300 ايم اي ايڇ بيٽري 44 واٽ جي فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ فراهم ڪئي وئي آهي.

ان فون ۾ گڏيل طور تي 5 ڪيمرائون موجود آهن، 2 فرنٽ ۽ 3 بيڪ تي.

فون جي فرنٽ تي 50 ميگا پڪسل جي مين ڪيمرا آءِ آٽو فوڪس فيچر سان ليس آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا موجود آهي.

فون جي بيڪ تي 108 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود آهن.

ويوو 23 ۾ 6.44 انچن جي اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز جي ريفريش ريٽ سان فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته 4200 ايم اي ايڇ بيٽري 44 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ليس آهي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 920 پراسيسر موجود آهي جڏهن ته 8 کان 12 جي بي ريم ۽ 128 کان 256 جي بي اسٽوريج جا آپشنز دستياب هوندا.

اها فون سڀ کان پهريان ڀارت ۾ هن ئي مهيني جي ٻين ڏهاڪي ۾ وڪري لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي.

وي 23 جو 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 400 ڊالرن (70 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو فون 470 ڊالرن (83 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو.

وي 23 پرو جي 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري ماڊل کي خريد ڪرڻ لاءِ 520 ڊالرن (91 هزار پاڪستاني رپين) کان وڌيڪ ادا ڪرڻا پوندا جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل 590 ڊالرن (1 لک 4 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.