ٽي سي ايل جو پهريون بهترين ليپ ٽاپ متعارف

ٽي سي ايل کي ٽي وي ۽ اهڙين ئي گھريلو اليڪٽرانڪس شين لاءِ سڃاتو ويندو آهي پر هاڻ ان پهريون ڀيرو هڪ ليپ ٽاپ بڪ 14 گو متعارف ڪرايو آهي.

لاس ويگا ۾ هڪ اليڪٽرانڪس شين جي نمائش واري شو دوران  ٽي سي ايل اهو 14.1 انچن جو ونڊوز 11 ليپ ٽاپ پيش ڪيو جنهن کي هلائڻ لاءِ ڪوالڪوم سنيپ ڊراگون پراسيسر جو استعمال ڪيو ويو آهي.

ڪمپني موجب ليپ ٽاپ جي بيٽري لائيف 12 ڪلاڪ آهي جڏهن ته 4 جي ايل ٽي اِي ڪنيڪٽوٽي جو فيچر ان جو حصو آهي.

ليپ ٽاپ ۾ موجود سنيپ ڊراگون 7 سي پليٽ فارم کي اينٽري ليول ڪمپيوٽرز ۽ ڪروم بڪس ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي جڏهن ته ان سان ڊگھي بيٽري لائيف ۽ ايل ٽي اي ڪنيوڪٽوٽي کي ان ايبل به ڪري سگھي ٿو.

ليپ ٽاپ کي اهڙيءَ طرح ڊزائين ڪيو ويو اهي جو ان کي ڪٿي به کڻي وڃڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي جنهن جو وزن 2.9 پائونڊ آهي جڏهن ته ٿولهه 13.95 ملي ميٽر آهي.

عام طور تي ڪوالڪوم پراسيسر سان ليس ليپ ٽاپ مهانگا هوندا آهن پر ٽي سي ايل جو پهريون ليپ ٽاپ 349 ڊالرن ۾ 2022ع جي آخري مهينن ۾ دستياب هوندو.

ليپ ٽاپ سان گڏ ٽي سي ايل هڪ نئين اين ايڪس ٽي پيپر ٽيبليٽ 10 ايس کي به متعارف ڪرايو جيڪو پيپر جهڙي ڊسپلي ٽيڪنالوجي سان ليس آهي.

TCL reveals first ever laptop with array of colorful tablets - SlashGear

ڪمپني موجب اهو ليپ ٽاپ پڙهائي ۽ نوٽس وٺڻ لاءِ بهترين آهي جنهن سان گڏ ٽي پين اسٽائلوس سپورٽ به ڏني وئِي آهي.

اها ٽيبليٽ جنوري ۾ چين ۽ يورپ ۾ 249 ڊالرن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.