ثابت ٿي ويو ته عمران خان عالمي طاقتن جو مهرو آهي: فضل الرحمان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي قوم کي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙن ماڻهن ۽ تنظيمن پي ٽي آءِ جي مالي مدد  ڪئي ۽ ڪهڙا مقصد حاصل ڪيا.

جاري ڪيل بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ اسان سڀني جي سامهون آهي، عمران خان اليڪشن ڪميشن کان 53 اڪائونٽس لڪايا، پرڏيهه مان ڪيترن ئي شڪي ماڻهن ۽ ادارن پي ٽي آءِ کي فنڊز جاري ڪيا.

هن چيو ته رپورٽ ۾ فنڊنگ جي حوالي سان اشارا به تمام خطرناڪ رحجان جي نشاندهي ڪن ٿا، جن پرڏيهي طاقتن پي ٽي آءِ کي وڏي مالي مدد ڏني، عمران خان اڄ به انهن طاقتن جي مالي مفادن کي تحفظ ڏيڻ ۾رڌل آهي، اڳ به هن ڪيس کي اڪلائڻ ۾ غير معمولي دير ڪري خدشا پيدا ڪيا ويا.

سندس موجب تحقيق کانپوءِ ثابت ٿيو  ته اڪبر ايس بابر  جا الزام درست هئا، وقت اسان جي موقف کي صحيح ثابت ڪيو، عمران خان عالمي طاقتن جو مهرو آهي، عمران خان کي ملڪ جي سلامتي ۽ مسلمان قوم جي مفادن سان ڪا دلچسپي ناهي، هن جي ساڍن ٽن سالن واري دور قوم جي مستقبل تي تباهي جهڙا اثر ڇڏيا، هاڻي ملڪي ادارن کي به قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.