ن ليگ ۽ پ پ جي به فنڊنگ جي ڇنڊ ڇاڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيان: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان پ پ ۽ ن ليگ جي به پي ٽي آءِ جيان فنڊنگ جي ڇنڊ ڇاڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيان.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پي ٽي آءِ فنڊنگ تي اليڪشن ڪميشن جي ڇنڊ ڇاڻ جي آجيان ٿو ڪيان، اڪائونٽن جي جيتري جاچ ٿئي، قوم لاءِ ايتريون ئي حقيقتون واضح ٿينديون، خبر پوندي ته پي ٽي آءِ اڪيلي جماعت آهي، جنهن جو بنياد سياس فنڊ ريزنگ تي آهي.

هن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي به اهڙي ئي ڇنڊ ڇاڻ جو منتظر آهيان، قوم حقيقي سياسي فنڊ ريزنگ، مفادن ۽ ڀتي خوري جو فرق ڏسندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.