قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجن سڌارن جي آئيني ۾

تحرير؛"راز"علي گل ڀٽو

پنج جنوري اوڻيهھ سؤ اٺاويهھ جي سڀاڳي صبح جو سر شاھنواز ڀٽو ۽ محترمه خورشيد بيگم جي گھر ۾ ھڪ اھڙي سٻاجھي ٻار جنم ورتو،جيڪو شڪل صورت ۾ته حسين ھيو ئي ھيو، پر مستقبل ۾ ملڪ جو سياسي وارث بڻجڻو ھيو،سندس ڄم تي مٺايون ورھايون ويون،پرورش لاڏ ڪوڏ سان ٿي،جڏھن ته اخلاقي۽سياسي تربيت تي جوڳو ڌيان ڏنو ويو،ھڪ سياستدان جي اولاد ھجڻ ڪري منجھس سياسي صلاحيتون اتم موجود ھيون،پندرھن سالن جي عمر ۾قائد اعظم کي خط لکڻ واري ذوالفقار علي ڀٽو کي شايد اھا خبر ته نه ھئي ته اڳتي ھلي سندس سياسي صلاحيتن جي مڃتا طور ملڪ جو عوام کيس اتساه مان قائد عوام جي لقب سان نوازيندو،

پڙھائيءَ دؤران سندس علم سان دلچسپي۽سياسي معاملن ڏي توجھ ٻڌائي رھيو ھيو ته ھي ڪو عام نه پر ھڪ غير معمولي انسان ٿيڻ وڃي رھيو آھي،جڏھن والدين کيس اعلي تعليم لاءِ ٻاھر برطانيه موڪليو ته ھن پڙھائي دؤران به پنھنجن استادن۽ھم جماعتن کان پنھنجن صلاحيتن کي مڃرايو،ننڍي ھوندي کان ئي سياست سندس پسنديده موضوع ھئي،ھن آزاديءَ جي جدوجھد۽ان جي اڳواڻن کي نھايت ويجھو کان ڏٺو۽انھن جو مشاھدو ڪيو،پڙھائيءَ دؤران پنھنجو پورو پورو ڌيان  علم تي ڏنائين،ان وقت جي وڏن وڏن مدبرن ۽سياستدانن کي پڙھيائين۽ڪيترن سان روبرو مليو.

اسڪندر مرزا جي حڪومت۾ھي نوجوان وزير جي حيثيت۾شامل ٿي ،ايوب خان سان اوڻيهھ سؤ پنجھٺ تائين حڪومتي ڏانءُ کان ڪافي حد تائين واقف ٿي چڪو ھيو هو،تاشقند معاھدي تي اختلاف رکي ايوبي اقتدار کان الڳ ٿي ويو ۽ اوڻيهھ سئو ستھٺ ۾پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاھي ١٩٧٠جي عام چونڊن ۾حصو ورتو ۽ اولھه پاڪستان ۾شاندار ڪاميابي ماڻي، پر ملڪي صدر يحي خان طرفان اقتدار چونڊيل نمائندن کي منتقل نه ڪرڻ ڪري ١٩٧١سورنھن ڊسمبر تي اوڀر پاڪستان الڳ ٿي بنگلا ديش بڻجي ويو،ھاڻي يحي خان ۽ سندس ساٿارين وٽ ان کانسواءِ ٻيو رستو نه بچيو ته باقي بچيل ملڪ جو اقتدار جناب ڀٽي جي حوالي ڪن،ان لاءِ ايئر مارشل رحيم خان ايئر فورس جو جھاز پاڻ اڏائي نيو يارڪ جي ھوائي اڏي تان ھنگامي طور جناب ڀٽي کي اسلام آباد کڻي آيو، جيڪو ان وقت اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ملڪ جي نامزد نائب وزير اعظم۽وزير خارجه طور ملڪ جي نمائندگي ڪري رھيو ھيو۔ملڪ پھچڻ شرط يحي خان ڀڳل ٽٽل ملڪ جو اقتدار جناب ڀٽي جي حوالي ڪيو،يحي خان جيڪڏھن اھو ڪم سورنھن ڊسمبر کان اڳ ڪري ھا ته ملڪ ٻه ٽڪر نه ٿئي ھا،اھڙي ريت جناب ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي صدر۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾قسم کنيو.

ان وقت ملڪ۾اھڙيون ھنگامي حالتون ھيون جو جناب ڀٽي کي پنھنجي پارٽيءَ  جي منشور اسلامي مساوات تي عمل ڪرڻ لاءِ غير معمولي اختيارن جي ضرورت ھئي،جيڪا طاقت عوامي ڀلائيءَ  لاءِ کيس مارشل لا ئي مھيا ڪري پئي سگھي،انھن اختيارن سان ئي ١٩٧٣جو متفق آئين قومي اسيمبليءَ  مان منظور ڪرايائين،ملڪ ۾انتظامي۽معاشي سڌارن سان گڏوگڏ ڀارتي وزير اعظم مسز اندرا گانڌي سان شملا معاھدو ڪري ڀارتي قيد مان بنا ڪنھن شرط جي نوي ھزار جنگي قيدي۽ پنج ھزار مربع ميل زمين آزاد ڪرايائين،جنگي قيدين جي با عزت واپسيءَ  کانپوءِ پاڻ ملڪ جي اندرون سڌارن ڏي ڌيان ڏنائين،جنھن۾سڀ کان اول انتظامي سڌارا آندائين،جنھن۾اول ٽي سؤ۽پوءِتيرنھن سؤ راشي آفيسر لاٿائين۽نوڪريءَ  جي نئين سر جوڙ جڪ۽ درجه بندي ڪيائين۽صحيح ماڻھو صحيح جاءِ تي رکڻ جو آغاز ڪيائين،ڀرتي۽ترقيءَ  جا نوان قائدا ۽قانون جوڙيائين۽نوڪرين کي قانوني تحفظ ڏيئي پگھارن۾وڇوٽيون ختم ڪيائين،ملڪ۾صدارتي بجاءِ پارلياماني نظام رائج ڪيائين،غريب ملڪ ھوندي به ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايائين، ملڪ جي سموري نظام کي پارليامينٽ ڏانھن جوابدار ڪيائين،ان سان گڏوگڏ معاشي سڌارن تحت ملڪ جي سڀني مالياتي ادارن کي قومي ملڪيت۾وٺي ننڍن ادارن کي وڏن مالياتي ادارن ۾ضم ڪري کين مالي خودمختياري ڏني، ملڪ جي ٽن انشورنس ڪمپنين کي ملائي ھڪ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان نالي سان جوڙيائين،مالياتي ادارن۾ ڀرتيءَ  جو نظام جوڙيائين۔ان کان پوءِ تعليمي سڌارن تحت سڀني ننڍن وڏن خانگي تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت ۾وٺي ھڪ نصاب لاڳو ڪري مئٽرڪ تائين تعليم بلڪل مفت ۽لازمي ڪيائين،ملڪ ۾نيون يونيورسٽيون،ڪاليج،ميڊيڪل ڪاليج، ھنري ڪاليج،ڪيڊٽ ڪاليج ،زرعي ڪاليج قائم ڪري تعليمي ادارن ۾شاگرد يونينون بحال ڪري ۽ شاگردن کي مثبت سياسي سرگرمين ۾حصو وٺڻ جو موقعو ڏنائين.

ملڪي تاريخ جا وڏي۾وڏا زرعي سڌارا به جناب ڀٽي ئي آندا،جن۾زرعي زمين باراني پنجاهه ايڪڙ،نھري زمين پنجويھه ايڪڙ حد مقرر ڪري ڇڏي،جنھن سان جاگيردارن۽وڏن زميندارن جي چيلھه چٻي ٿي پئي ان ڪري ئي ھو اندروني طور جناب ڀٽي جا سخت مخالف ٿي پيا هو، فالتو ۽سرڪاري زمين بي زمين ھارين ۾ورھائي جو کيڙي سو کائي تي عمل ڪرڻ کي اچي پھتو،ان کان علاوه ٻج ڀاڻ جي خريداريءَ  لاءِ ھارين کي بنئڪن مان بنا وياج قرض ڏياريائين،

زراعت کي فائدو ڏيارڻ لاءِ نوان واهه ۽شاخون کوٽرايائين۽ سم ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سرڪاري ٽيوب ويل لڳرايائين،ننڍن آبادگارن تان ڍل معاف ڪري ڇڏيائين،ملڪ۾آئيني سڌارا آڻي ملڪي ايڪائين کي خود مختياري ڏنائين،جنھن جي سگھارين قوتن وڏي مخالفت ڪئي،پوليس کاتي ۾به ڪافي سڌارا آندائين،جنھن تحت پوليس کي ڪافي سھوليتون ڏنائين،جنھن ۾پوليس کي عوام جو خادم ھجڻ قرار ڏنائين،دفترن۾عملدارن کي عوامي کليون ڪچھريون قائم ڪرڻ جا حڪم ڏنائين،وزيرن۽ميمبرن کي ننڍن وڏن شھرن۾عملدارن سان گڏجي کليون ڪچھريون ڪرڻ جو پابند ڪيا ئين،ملڪ ۾موجود ڪارخانن کي قومي ملڪيت۾وٺي مزدورن کي انھن جو حصيدار بڻائي کين يونين سازيءَ  جو حق ڏنائين.

شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو سمورو دؤر ڄڻ ته سڌارن جو دؤر ھيو، پر سندس شھادت کان پوءِ ابتو ڦيٿو ڦيرائي سندس ڪيل سڀ سڌارا ختم ڪيا ويا،اڄ وري پيپلز پارٽيءَ  لاءِ اھو لازم ٿي ويو آھي ته عوامي مفاد۾پارٽي۽شھيد ڀٽي جي منشور تي سختيءَ  سان عمل ڪري،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.